بخشو ۽ صادق علي

بخشو ۽ صادق علي: استاد بخشو ۽ صادق علي جيسلمير جا رهاڪو هئا ۽ 1830ع ڌاري سنڌ ۾ آيا هئا. شروعات ۾ هو خيرپور جي ميرن وٽ رهيا ۽ ان کان پوءِ حيدرآباد ۾ رهڻ لڳا. پنهنجي گائڪيءَ ۾ ڪرناٽڪيءَ جي سنگيت جي آميزش، خوبصورت انداز ۾ ڪندا هئا. هنن تي دهليءَ جي گائڪيءَ جو وڏو اثر هو. بخشوخان طبلي ۽ سارنگي وڄائڻ ۾ مهارت رکندو هو. سندن خاندان مان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جا ميوزڪ ڪمپوزر غلام نبي ۽ عبداللطيف ٿي گذريا آهن، جن ڪيترين سنڌي ۽ اردو فلمن جي موسيقي پڻ ڪمپوز ڪئي هئي.


لفظ بخشو ۽ صادق عليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو